اسلام آباد (بيورو رپورٽ) درخواست ۾ اليڪشن ڪميشن کي عام چونڊن ۾ پارٽي کي شير جو نشان الاٽ ڪرڻ لاءِ درخواست جمع ڪرائي وئي آهي اليڪشن ڪميشن پهرين جولاءِ 2023 تي پنهنجي جاري ڪيل پريس رليز ۾ سمورين سياسي پارٽين کان ايندڙ عام چونڊن لاءِ چونڊ نشان الاٽ ڪرڻ لاءِدرخواستون گهريون هيون درخواست جمعي ڏينهن 7 جولاءِ 2023 تي پارٽي صدر محمد شهبازشريف جي صحيحن سان پارٽي جي اسسٽنٽ جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر مهر لياقت ۽ آفيس سيڪريٽري سجاد حسين اليڪشن ڪميشن آفيس اسلام آباد ۾ جمع ڪرائي ڇڏي ان موقعي تي ڊاڪٽر مهر لياقت چيو ته ميان نوازشريف ۽ شهبازشريف جي اڳواڻي ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) پوري طرح متحد آهي ۽ اسان ڀرپور تياري سان چونڊ ميدان ۾ لهنداسين ۽ انشاءالله هڪ تاريخي فتح ماڻينداسين هن چيو ته احتساب عدالت جو نوازشريف جي حق ۾ فيصلو ان ڳالهه جو چٽو ثبوت اهي ته ان جي خلاف سمورا ڪيس سياسي انتقام تي ٻڌل هئا ٻين ڪيسن ۾ به انشاءالله سرخرو ٿي جلد اسان سان گڏ هوندو.










