اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شيرين مزاري گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جي سربراهي ۾ حڪومتي ڪميٽي سان ڳالهين کي رد ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ شيرين مزاري جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن سنجيدگي سان ڳالهائڻو آهي ته صحيح ماڻهن سان ڳالهايو. ٻئي طرف پي ٽي آءِ فوري چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي ۽ چونڊون مارچ يا اپريل ۾ ڪرائڻ جي تجويز ڏني آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته چونڊن جي تاريخ ڏني وڃي ته پوءِ ڳالهيون ٿينديون، ٻي صورت ۾ چالبازيون نه هلنديون.










