اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عدالتي حڪم باوجود ڊاڪٽر شيرين مزاري جو نالو اي سي ايل مان نه ڪڍڻ تي توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڊاڪٽر شيرين مزاري جو نالو هاڻي اي سي ايل ۾ نه هئڻ جو خدشو ظاهر ڪندي درخواست اڪلائي ڇڏي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ثمن رفعت امتياز ٻڌڻي ڪئي جنهن دوران شيرين مزاري سان گڏ سندس وڪيل ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل منور اقبال ڊوگل به پيش ٿيا.ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل منور اقبال ڊوگل طرفان گهرو وزارت جي رپورٽ پيش ڪئي وئي.رپورٽ ۾ عدالت کي ٻڌايو ويو ته شيرين مزاري جو نالو هاڻي اي سي ايل ۾ ناهي رهيو.ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته نالو ڪابينا جي منظوري سان اي سي ايل ۾ وڌو ويو جيڪو هاڻي ان ۾ ناهي رهيو.درخواستگذار جي وڪيل خدشو ظاهر ڪيو ته نالو اي سي ايل مان ڪڍيو ويو پر ڪنهن ٻي لسٽ ۾ ناهي، عدالت کي ڪو هدايت نه ڏيڻ جو چيو.عدالت شيرين مزاري جو نالو اي سي ايل ۾ نه وجهڻ تي درخواست اڪلائي ڇڏي.










