اسلام آباد(بيورو رپورٽ) شيخ رشيد سميت پاڪستان تحريڪ انصاف جي 9 اڳواڻن جا ڊپلوميٽڪ پاسپورٽ رد ڪيا ويا.تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جن جا سفارتي پاسپورٽ رد ڪيا ويا آهن انهن ۾ اڳوڻو پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، اسد عمر، پرويز خٽڪ، اعظم سواتي ۽ علي امين گنڊاپور شامل آهن.ان کانسواءِ فرخ حبيب، عون عباس بيپي، زرتاج گل ۽ علي محمد خان جا سفارتي پاسپورٽ به رد ڪيا ويا آهن.عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد جو سفارتي پاسپورٽ به منسوخ ڪيو ويو آهي.










