شورا اليون مري اتحاد ڪرڪيٽ ڪپ کٽي ورتو

شورا اليون مري اتحاد ڪرڪيٽ ڪپ کٽي ورتو

گهارو(بشام جوکيو)ڳوٺ سليمان مهري ۾ آل پاڪستان  مري اتحاد  جي طرفان شاندار ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ڪرايو ويو۔ ٽورنامينٽ ۾ 24 ٽيمن حصو ورتو۔ فائنل ۾ شورا اليون ۽ مري اليون جي ٽيمن وچ ۾ دلچسپ مقابلو ٿيو۔10 اوورن ۾ شورا اليون مري اليون کي 138رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو ۽ مري اليون مقرر اورن ۾ صرف 96 رنسون ٺاهي سگهي جڏهن ته شورا اليون 42 رنسن تان فتح حاصل ڪري فائنل ٽرافي کٽي ورتي۔ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾  مهمان خاص ايم پي اي PS 79 تڪ جي ايم پي اي ڄام اويس بجار جوکيو جي ڀاءُ ڄام احسان جوکيو شرڪت ڪئي، ڄام احسان جوکيو ونر اپ ٽيم ۽ رنر اپ ٽيم کي ڪيش انعام ۽ ٽرافي ڏني، رمضان مري ۽ سردار مبارڪ شورو ٽيمن ۾ ڪيش انعام پڻ تقسيم ڪيا۔ آيل مهمانن کي رمضان مري بلوچ۔ غلام قادر موليپوٽو۔علي بخش مري بلوچ۔خدابخش مري بلوچ۔نادر مري بلوچ۔حضوربخش مري بلوچ۔اڱاريو ملاح۔اصغر مهري ۔ فيض محمد  شورو۔۽ ٻين پاران لونگن ۽ اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا۔ ان موقعي تي سردار حاجي مبارڪ شورو۔لعل حسين مري۔قاسم رند بلوچ۔وڏيرو نظير خانيو۔زاهد ٻٻر۔ مولابخش ٻٻر۔علم الدين رند بلوچ۔شهباز رند بلوچ۔نبي بخش خاصخيلي۔ آصف جوکيو ،شبير خليفو،مقصود احمد جوکيو، سلطان احمد ملاح ۔فيصل خاصخيلي ۽ ٻيا موجود هئا۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو