اسلام آباد(بيورو رپورٽ) چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس مولانا خبير آزاد جي صدارت ۾ ٿيو. ملڪ جي ڪنهن به حصي مان چنڊ ڏسڻ جي شهادت وصول ناهي ٿي. سڀاڻي جمعي تي روزو ٿيندو ۽ 30 روزا پورا ٿيڻ بعد عيد ڇنڇر تي سعودي عرب سان گڏ ٿيندي. ان باضابطا اعلان ڪجهه دير ۾ متوقع آهي. ياد رهي ته موسميات کاتي اڳ ۾ ئي چيو هو ته سج گرهڻ سبب چنڊ 20 ۽ 21 اپريل جي وچ واري رات دير سان جنم وٺندو جيڪو جمعي تي نظر ايندو.










