شهيد عزيز ميمڻ جي ڀاءُ خون جو سودو ڪيو آهي، بيواهه

محرابپور(رپورٽ مجاهد سامٽيو) ٽي سال اڳ 16 فيبروري تي محرابپور ۾ بي درديء سان قتل ٿيندڙ صحافي عزيز ميمڻ جي بيواهه ادي نجمه ميمڻ، سندس پٽن فائق ميمڻ ۽ فواد ميمڻ پريس ڪانفرنس ڪندي سرڪار ۽ صحافي تنظيمن کي مدد ۽ انصاف لاءِ ساٿ ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي، شھيد عزيز ميمڻ جي بيواهه روئڻھارڪي انداز ۾ الزام لڳايو آهي ته منهنجي مقتول مڙس جي ڪيس کي منهنجو ڏير ۽ ڪيس جو فريادي حفيظ ميمڻ جوابدارن سان ڳالھيون ڪري فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ۽ شهيد غزيز ميمڻ جي خون جو سودو ڪيو آهي. اسان کي ٻڌائڻ به گوارا نه ٿو ڪري، پڇڻ تي فريادي حفيظ ميمڻ اسان سان تعلق ئي ٽوڙي ڇڏيو آهي ۽ گذريل ٽن سالن کان اسان جي گهر به ناهي آيو، ھن وڌيڪ چيو ته گذريل ٽن سالن کان مان ۽ منھنجا ٻچا بکون ڪاٽي رھيا آھيون ۽ فريادي چندا ڪري شھيد جون ورسيون ملھائي رھيو آھي جنهن جو ڪو فائدو ناهي جڏهن ته منهنجو ٻچڙو روزگار لاءِ ڪراچي ۾ ڌڪا کائي رھيو آھي، شھيد جي بيواهه وڌيڪ چيو ته فريادي کي پنهنجي منهن فيصلي جو ڪو حق ناهي ڇاڪاڻ ته شھيد جا اصل وارث اسان آھيون، منهنجو پٽ فائق عزيز ميمڻ ۽ اسان ئي شھيد جا اصل وارث آھيون ۽ ڳجهه ڳوھ ۾ ٿيندڙ ڪنهن به فيصلي کي نه ٿا مڃون، شھيد جي نينگر چيو ته اسان جي ڪنهن به ڪا مدد ناهي ڪئي اسين لکين رپين جا مقروض ٿي ويا آهيون، شھيد جا دوست، باشعور صحافي ۽ صحافتي تنظيمون اڳتي اچي اسان جو ساٿ ڏئي اسان کي انصاف ڏيارين اسان سان ظلم ٿي رهيو آهي. ياد رهي ته 3 سال اڳ پيپلزپارٽي جي لانگ ترين مارچ دوران شهيد عزيز ميمڻ ڪجهه ماڻهن جو انٽرويو هلايو هو ته طئي ڪيل پيسا کين نه مليا آهن، جنهن تي پيپلز پارٽي جي مقامي قيادت کي مٿس ڪاوڙ هئي ۽ ڪجهه عرصي بعد سندس لاش واهه مان مليو هو. مائيڪ جي تار سان کيس گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو