شهر ۾ گندگي خلاف بک هڙتال جو ٽيون ڏينهن

شهر ۾ گندگي خلاف بک هڙتال جو ٽيون ڏينهن

ڪنڌڪوٽ(غالب بلوچ)ڪشمور اتحاد ۾ شامل جمعيت علماء اسلام قومي عوامي تحريڪ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي پاڪستان تحريڪ انصاف  سنڌ ترقي پسند پارٽي طرفان ڪنڌڪوٽ شھر ۾ صفائي نـ ٿيڻ گوشت ۽ مڇي پراڻي  مارڪيٽ اندر وڪرو نه ٿيڻ خلاف ميونسپل آفيس جي مين گيٽ تي 3 ڏينھن جي بک ھڙتال جي سلسلي ۾ اڄ 3 ڏينھن بـ  اتحاد جي سرواڻ JUI جي سردار غلام سرور سرڪي QAT جي سجاد بروھي SUP جي دلمراد ڏاھاڻي QAT جي  سرمد جاگيراڻي SUP جي ظريت ساگر بجاراڻي JUI جي جمالدين اوڳاھي PTI جي علي مراد گولاٽو QAT جي فدا محمداڻي شاھ علي سھرياڻي موتي رام JUI جي عمران سرڪي  جي اڳواڻي ۾  ڪارڪنن جي بک ھڙتال ٿي گذري . اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي  چيو تـ ھي اتحاد ضلعي جو عوامي پورھيتن جو  نمائيندا اتحاد آھي شھر ۾ وڌندڙ صفائي جي صورتحال سواليا نشان بڻيل  آھي  چونڊيل نمائندا موسمي آھن پر اسان ھر ڏينھن جا نمائندا آھيون . اتحاد صفائي صحت تعليم لوڪل گورنمنٽ پوليس کاتن جي ڪارڪردگي کي ڏسون پيا . اتحاد ڪنڌڪوٽ قومي اتحاد وانگر ھن اتحاد ذريعي ڪاميابيون ماڻيندو .  شھر ۾ صفائي جو نظام بھتر ڪيو اھو اسان جو انساني حق آھي .اسان شھر جا اسٽيڪ ھولڊرآھيون . صفائي جو نظام بھتر ڪيو.شھر جي مين مارڪيٽ گوشت مارڪيٽ تي قبضو ڪرڻ نـ ڏيندا سين QAT رميش لعل JUI جي عمران سرڪي ۽ ٻين پڻ  احتجاج رڪارڊ ڪرايو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو