دادو(ن سنڌ يار) تعلقي دادو جي وڏي آبادي واري شهر ڦلجي اسٽيشن ۾ بدامني اوچتو ڪر کنيو آهي، بدامني خلاف ڦلجي اسٽيشن جي صحافين ۽ مختلف سماجي ۽ سياسي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شهرين گڏيل طور تي دادو پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد ايس پي چونڪ دادو ۾ ڌرڻو هنيو ۽ ڌرڻي سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ايس ايس پي دادو مظاهرين جي اڳواڻن سان رابطو ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو، جڏهن ته پوليس پاران مظاهرين سان ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ کان اڳ ڦلجي اسٽيشن جي سينيئر صحافي پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري شاهنواز سومرو ۽ ٻين صحافين نديم راجپوٽ، امان اللہ جروار، ظهير عباسي، لالا ظهير سومرو، محمد رمضان پنهور ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڦلجي اسٽيشن ۾ چورين جون وارداتون روز جو معمول بڻجي ويون آهن، پريس ڪلب جي صدر نديم راجپوٽ جي موٽر سائيڪل چوري ٿي وئي آهي ۽ چور پوليس پاران گرفتار نه ڪيا ويا، جڏهن ته شهر مان وڌيڪ موٽر سائيڪلون چوري ٿيون آهن ۽ بازار ۾ دڪانن مان چوري ٿيڻ جون خبرون پڻ شايع ٿيون آهن ۽ ڦلجي اسٽيشن ٿاڻي تي ڦرن، چورين جي وارڌاتن جون رپورٽون داخل ٿيڻ باوجود پوليس چورن خلاف ڪک ڀڃي ٻيڻون نه ڪيو آهي، ايس ايس پي دادو عرفان علي سمون سان ملاقات ڪري بدامني بابت شڪايتون ڪيون آهن پر ڦلجي اسٽيشن پوليس ڄڻ اگهور ننڊ ستل هجي، ان ڪري مجبور ٿي اسين روڊن تي نڪتا آهيون، اڳواڻن چتاءِ ڏيندي چيو ته ڦلجي اسٽيشن ۽ آس پاس جي علائقن ۾ امن امان جي صورتحال بهتر نه ٿي ته شهر ۾ هڙتال ڪري سمورو ڪاروبار بند رکي غير معيانه وقت تائين شهر بند ڪنداسين جنهن جي ذميواري دادو پوليس تي عائد ٿيندي.










