شهري عيد جي شاپنگ ڪري وٺن، لاڪ ڊائون لڳي سگهي ٿو،اسد عمر

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) وفاقي وزير اسد عمر شهرين کي صلاح ڏني آهي ته عيد جي شاپنگ هاڻي ڪري وٺو ڇو ته اڳتي لاڪ ڊائون لڳي سگهي ٿو، وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن وفاقي وزير، صبن جي وزيرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ڪورونا پابنديون وڌيڪ سخت ڪرڻ تي غور ڪيو ويو، اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير اسد عمر چيو ته ٿي سگهي ٿو ته اهڙي صورتحال پيد ته شهرن ۾ لاڪ ڊائون ڪرڻو پوي، عيد تائين آئوٽ ڊور ڊائننگ تي به پابندي لڳائي پئي وڃي، رڳو ٽي اوي ۽ گهر کاڌو پهچائڻ جي اجازت هوندي، جم ۽ ايڪسرسائز سينٽرز تي به پابندي لڳائي پئي وڃي، اسد عمر چيو ته آفيسون 2وڳي بند ڪيون وڃن ۽ 50سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهن کي نه گهرايو وڃي، جن علائقن ۾ ڪورونا ڪيس 5سيڪڙو کان وڌيڪ آهي ته اتي اسڪول عيد تائين بند رهندا، ميٽرڪ ۽ انٽر ڪلاسسز به شامل آهن، بازارون شام 6وڳي تائين کليل رهنديون ان کانپوءِ رڳو عام واهپي جي شين جا دڪان کليل رهندا، افطاري بعد بازارون کليل نه هونديون، عورتون عيد جي شاپنگ ڏينهن ۾ ڪري ۽ هاڻي کان ئي شروع ڪري ڇڏين. آخري ڏينهن جو انتظار نه ڪن ڇو ته ٿي سگهي ٿو ته اڳتي لاڪ ڊائون ٿي سگهي ٿو، اسد عمر جو چوڻ هو ته آڪسيجن جي استعمال جي 90سيڪڙو پيداواري صلاحيت تائين پهچي وئي آهي ان ۾ 80سيڪڙو ڪورونا ۽ صحت جي لاءِ استعمال ٿي رهي آهي، ان جي سپلاءِ کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو