شهرين جي گمشدگي بابت ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ شهرين جي گمشدگي تي فوري ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهي ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي.جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو شهرين جي گم ٿيڻ تي فوري طور ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته شهري گم ٿيل ٿاڻي تي فوري ڪيس داخل ڪيو وڃي.عدالت ايس ايڇ او شاهه لطيف کي گم ٿيل شهري مير علي حيدر جي گمشدگي جو ڪيس داخل ڪري جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل شهري حيدر علي جي فوري بازيابي جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته درخواستگذار جي وڪيل چيو ته گم ٿيل شهري منظور احمد وطن واپس پهچي ويو آهي.درخواستگذار جي وڪيل چيو ته منطور احمد تي گمشدگي دوران ڪيس داخل ڪيا ويا، عدالت اسٽيل ٽائون مان گم ٿيل شهري منظور احمد جي گمشدگي واري درخواست اڪلائي ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو