شهرين جو حڪومتي ڪارڪردگي ۽ مهانگائي خلاف احتجاج

شهرين جو حڪومتي ڪارڪردگي ۽ مهانگائي خلاف احتجاج

ڊرگھ بالا (ن سنڌيار)ڊرگه بالا۾ پي ٽي آء پارٽي ۽ شھرين جو حڪومت جي ڪارڪردگي ۽ مھانگائي خلاف احتجاج ڪاڇي جي شهرن۾ مھانگائي جو جن به قابو ٿي ويو ماڻهن جي زندگي گذارڻ مشڪل ڪاڇي جي شهر ڊرگه بالا ۾ احتجاج پيٽروليم شين ۽ بجلي جي اگهن ۾ واڌ خلاف شهري روڊ تي نڪري آيا احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي مظاهرين فقير عطاءُ الله کچي وزير علي لغاري عبدالستار ڏاھري, حافظ غلام حيدر لنڊ, اڪرم ٻٻر ,رجب ڏاھري ,درمحمدساند ,شريف کچي عنايت کچي, عنايت لغاري ,غلام رسول لغاري ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي پيپلزپارٽي چوڏھين سالن۾ ڪاڇي کي تباھ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي عوام ٻين ويلن جي ماني لاء پريشان بڻيل آهي غريبن جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي غريب ھڪ وقت جي ماني لاء پريشان بڻيل آهن هڪ هفتي ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن 24 رپين جي واڌ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 56 رپين جي واڌ ناقابل برداشت آهي جنهن سان ملڪ ۾ مهانگائي جو بم ڪيري پيو آهي غريب ماڻهو ڪٿان پنهنجي پوري ڪري هر شئي مهانگي ٿي وئي هاڻ غريب هڪ وقت جي ماني لاءِ پريشان ٿي ويو آهي هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو