ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪار عمران اشرف گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ ساٿي اداڪار شهريار منور جي هڪ وڊيو تي ردعمل ظاهر ڪيو آهي.شهريار منور هن تڪراري وائرل وڊيو ڪلپ ۾ ڊائريڪٽر سان بدتميزي ڪندي نظر اچي رهيو آهي.هن وڊيو ڪلپ ۾ اداڪار کي هدايتڪار تي رڙيون ڪندي ۽ سندس هٿ مان اسڪرپٽ کسي هيٺ اڇلائيندي ڏسي سگهجي ٿو.هن وڊيو ڪلپ جي وائرل ٿيڻ کان پوءِ سوشل ميڊيا تي هڪ نئون بحث شروع ٿي ويو آهي ته اها وڊيو ڪلپ ۾ سنگين ويڙهه آهي يا اهو پبلسٹی اسٽنٽ آهي.ٻين سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن کان علاوه اداڪار عمران اشرف به سوشل ميڊيا پيج تي ان وائرل وڊيو ڪلپ تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو ۽ لکيو ته جيترو مان انهن ٻنهي کي سڃاڻان ٿو. شهريار منور اهڙو سلوڪ نٿو ڪري سگهي ۽ سهيل ڀائي ڪنهن کي به اهڙو سلوڪ ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏئي سگهي.هن اهو به لکيو ته هي وڊيو ڪلپ ڊرامي ٿي سگهي ٿو ۽ منهنجي خواهش آهي ته هي وڊيو ڪلپ ڊرامي هجي.










