شهريار آفريدي 2 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

شهريار آفريدي 2 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهريار آفريدي کي 2 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.شهريار آفريدي خلاف 9 مئي جي واقعن بابت داخل ڪيس جي ٻڌڻي آءِ نائن ٿاڻي ۾ ٿي.جوڊيشل مئجسٽريٽ نويد خان محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو.ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر شهريار آفريدي جي 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي.جاچ آفيسر دليل ڏيندي چيو ته شهريار آفريدي جي فوٽو گرافي ۽ وائس ميچنگ ٿيڻ گهرجي.شهريار آفريدي جي وڪيل جسماني رمانڊ جي مخالفت ڪندي چيو ته جيڪڏهن وڊيوز سوشل ميڊيا تان حاصل ڪيون ويون آهن ته فوٽو گرافي جي ٽيسٽ جي ضرورت ناهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ شهريار آفريدي گهرڀاتين سان ملاقات جي درخواست ڪئي.عدالت شهريار آفريدي کي عدالت روم ۾ ئي خاندان سان ملڻ جي اجازت ڏني.شهريار آفريدي روسٽرم تي اچي جذباتي ٿي ويو ۽ چيو ته منهنجو ڀاءُ فوت ٿي ويو، جنازي ۾ شرڪت نه ڪئي وئي.هن چيو ته مون يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ پاڪستانيت تي ليڪچر ڏنا، احتجاج ڪرڻ منهنجو آئيني حق آهي، مون قانون هٿ ۾ ناهي ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو