راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير شهريار آفريدي کي اڊيالا جيل مان آزادي ملندي ئي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو آهي.اڊيالا جيل انتظاميا موجب شهريار آفريدي کي پروبيشن جو مدو پورو ٿيڻ تي آزاد ڪيو ويو.شهريار آفريدي جي آزادي کانپوءِ پوليس کيس ٻيهر اڊيالا جيل ٻاهران حراست ۾ وٺي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو.ڊپٽي ڪمشنر راولپنڊي شهريار آفريدي کي وڌيڪ 15 ڏينهن جي نظربندي جا حڪم پڻ جاري ڪري ڇڏيا آهن.










