ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) غير قانوني اڏاوتن جي معاملي جي ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس گلزار احمد خان چيو ته جيڪڏهن ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي جي قانون جو جائزو وٺبو ته منهنجي گهر سميت سڄي ڊفينس فارغ ٿي ويندي ۽ مونکي ان جي پرواهه ناهي ڇو ته مان قانون جي حڪمراني چاهيان ٿو. عدالت پنجاب ڪالوني، دهلي ڪالوني، پي اين ٽي ڪالوني، گزري روڊ تي غير قانوني جڳهون ڪيرائڻ جو حڪم به جاري ڪيو. عدالت عظمي جي ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ جسٽس سجاد علي شاهه ۽ جسٽس فيصل عرب تي مشتمل بينچ ڪراچي ۾ سرڪاري زمينن تي قبضي ڪري ان تي عمارتن ۽ ڪالونيون ٺاهڻ سميت ٻين معاملن تي ٻڌڻي ٿي. ان دوران اٽارني جنرل پاڪستان انور منصور خان، ڪنٽومينٽ بورڊ جا آفيسر، صوبائي حڪومت جا نمائندا ۽ ٻي انتظاميه پيش ٿي. ٻڌڻي دوران عدالت پڇيو ته ڪنٽونمينٽ قانون ۾ رهائشي علائقن ۾ ڪيتري منزلا عمارت ٺاهي سگهجي ٿي ان سان گڏ عدالت ڪنٽونمينٽ بورڊ جي وڪيل کان پڇيو ته پي اين ٽي ڪالوني ۾ وڏيون عمارتون ڪنهن جي اجازت سان تعمير ڪيون ويون. جنهن تي ڪنٽونمينٽ بورڊ جي انتظاميه ٻڌايو ته رهائشي علائقن ۾ گرائونڊ پلس هڪ جي اجازت آهي جڏهن ته ڪمرشل علائقن ۾ وڌ کان وڌ 5 منزلا عمارت تعمير ڪرڻ جي اجازت آهي. ان تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته توهان ڪنهن دنيا ۾ رهو ٿا توهان انگريزي ڳالهائي اسان کي ڪجهه نه ٿا ڪري سگهو ڇا اسان کي معلوم ناهي ته حقيقت ڇا آهي. ڇا ڪلفٽن ڪنٽونمينٽ بورڊ پنهنجي پوزيشن واضح ڪري سگهي ٿو. جنهن تي وڪيل ٻڌايو ته دهلي ڪالوني ۾ گرائونڊ پلس ون جي اجازت آهي ان تي عدالت چيو ته ڪنهن چيو ته دهلي ڪالوني علامه آهي؟ لڳي ٿو ته توهان دهلي ڪالوني ويا ئي ناهيو. چيف جسٽس گلزار احمد رمارڪس ڏنا ته توهان پنهنجي انگريزي مان اسان کي خوش نه ٿا ڪري سگهو. ان دوران ڊائريڪٽر لينڊ ڪنٽونمينٽ ٻڌايو ته پي اين ٽي ڪالوني ۾ عمارتون غير قانوني طور تعمير ٿيل آهن جنهن تي عدالت رمارڪس ڏنا ته هڪ هڪ فليٽ توهان 5 ڪروڙ رپين ۾ وڪڻيو آهي ۽ هاڻي چئو ٿا ته اها تعميرات غير قانوني آهي. عدالت ڊاريڪٽر لينڊ ڪنٽونمينٽ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته توهان اکيون بند ڪري ٿا هلو ڇا توهان کي اها به خبر آهي ته ڪنٽونمينٽ ڇا آهي. ان سان گڏ چيف جسٽس اها رمارڪس به ڏنا ته ڊي ايڇ اي ليزنگ جو جائزو وٺون ته سڄو ڊي ايڇ اي فارغ ٿي ويندو ۽ ان سان گڏ مان به فارغ ٿي ويندس. ٻڌڻي دوران عدالت ڪراچي جي علائقي طارق روڊ جي ڳالهه ڪندي ٻڌايو ته ڪنهن دور ۾ طارق روڊ تي صرف 2 هوٽلون ۽ هڪ بينڪ هوندي هئي هاڻي ته ببادرآباد، سنڌي مسلم، پنجاب ڪالوني، ايف بي ايريا، پي اين ٽي ۽ ٻين ڪالونين جو ڪهڙو حال ڪيو ويو آهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته 9، 9 منزلا عمارتون ٺهي رهيون آهن انهن سڀني کي ڪيرايو وڃي اٽارني جنرل صاحب ان علائقن ۾ به عمارتن کي ڪيرائڻو پوندو. ٻڌڻي دوران دهلي ڪالوني ۽ پنجاب ڪالوني ۾ قبضن واري معاملي تي چيف جسٽس چيو ته ان علائقن ۾ اڏاوتون ڪيئن ٿي رهيون آهن جنهن تي ڪنٽونمينٽ بورڊ جي انتظاميه چيو ته اسان ايڪشن کنيو آهي ڪارروائي ڪري رهيا آهيون. ان تي چيف جسٽس پڇيو ته اهو ٻڌايو ته اهي اڏاوتون ٿيون ڪيئن ڪنهن اجازت ڏني، اٽارني جنرل صاحب ڪنٽونمينٽ بورڊ ۾ اهڙن اڏاوتن جي اجازت ڪير ڏئي رهيو آهي. چيف جسٽس چيو ته ائين ته ناهي جو ڪنٽونمينٽ جيئن چاهي ائين عمارتن جي اجازت ڏئي ڇڏي جنهن تي ڪنٽونمينٽ بورڊ جي انتظاميه ٻڌايو ته اسان کوڙ ساريون عمارتون ڪيرايون آهن رهائشي پلاٽن تي گرائونڊ فلور پلس 2 جي اجازت آهي جڏهن ته ڪمرشل پلاٽن تي 5 منزلا عمارت ٺاهڻ جي اجازت ڏئي رهيا آهيون. چيف جسٽس چيو ته سرڪاري زمين توهان تي ڀروسو ڪري ڏني وئي هاڻي ته ڪنٽونمينٽ رهيو ئي ناهي اتي ته هاڻي ٻيو ڪجهه بڻجي ويو آهي. ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل ٻڌايو ته پي اين ٽي ڪالوني ۾ وفاقي ادارن جي ملازمن جا ڪوارٽر آهن ڪوارٽر پنهنجي جڳهه تي رهندا پر اسان غير قانوني اڏاوتون ختم ڪرائينداسين. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته وفاقي حڪومت جي زمين تي قائم غير قانوني اڏاوتون جو خاتمو آندو وڃي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته شهري حڪومت، سنڌ حڪومت ۽ وفاق سڀ ناڪام ٿي چڪا آهن ڪنهن کي عدالت ۾ گهرايون ڪراچي جا مسئلا تمام گهڻا سنگين آهن.










