شهدادپور ۾ ٽرئفڪ حادثو،هڪ ڄڻو فوت،ٽي زخمي

شهدادپور ۾ ٽرئفڪ حادثو،هڪ ڄڻو فوت،ٽي زخمي

شهدادپور (ن س)شهدادپور ڀرسان ايمبولينس ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر حادثو، موٽرسائيڪل سوار فوت، عورت سميت ٽي ڄڻا زخمي ٿي ويو، شهدادپور ٻرهون روڊ تي لنڊو شاخ وٽ افسوسناڪ روڊ حادثو پيش آيو، جتي شهدادپور مان لاش کڻي ويندڙ ايمبولينس ۽ ٻرهون کان ايندڙ موٽرسائيڪل وچ ۾ آمهون سامهون زوردار ٽڪر ٿي پيو. جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل تي سوار جهول واسي45 ورهين جو پرڀو فوت ٿي ويو، جڏهن ته سندس گهر واري، نياڻي ۽ ڀيڻيو امرشي زخمي ٿي پيا.. حادثي کانپوءِ زخمين کي ترت *سمس اسپتال شهدادپور* منتقل ڪيو ويو، جتي ابتدائي طبي امداد فراهم ڪرڻ بعد سندن حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کين وڌيڪ علاج لاءِ *حيدرآباد منتقل* ڪيو ويو.حادثي جي اطلاع ملڻ تي *جٽيا پوليس* واقعي واري هنڌ پهچي ايمبولينس کي تحويل ۾ وٺي، ان جي ڊرائيور *محمد بخش ڇٽو* کي پڻ حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي. پوليس موجب حادثي بابت وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو