شھدادپور)ن س)شھدادپور ويجهو شاھپور چاڪر روڊ ڳوٺ بالو فقير ڀنڀرو وٽ نامعلوم گاڏي ٽڪر ھڻي ٻن ڄڻن موٽر سائيڪل سوارن کي زخمي ڪري ڇڏيو ھو جن مان ھڪ زخمي مقصودو رند جو رھواسي فوجي اشرف رند زخمن جي سٽ برداش نه ڪندي حيدرآباد جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آهي واضع رھي ته چار ڏينهن اڳ ڳوٺ بالو فقير ڀنڀرو وٽ نامعلوم گاڏي موٽر سائيڪلن سوارن کي ڌڪ ھڻي زخمي ڪيو ھيو جن کي علائقي واسين سمس اسپتال شھدادپور آندو ھيو جن کي طبي امداد ڏئي حيدرآباد ريفر ڪيو ويو ھيو جن مان ھڪ زخمي فوجي اشرف رند زخمن جي سٽ برداش نه ڪندي حيدرآباد جي اسپتال ۾ فوت ٿئي ويو آهي اھڙو اطلاع گهر پھچڻ تي گهر ۾ قھرام مچي ويو ـ










