شهباز ۽ زرداري عدالتن مان ڀڄڻ ۾ عافيت سمجهن ٿا، فواد

شهباز ۽ زرداري عدالتن مان ڀڄڻ ۾ عافيت سمجهن ٿا، فواد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته شهباز شريف جو ڪيس ايترو ڪمزور آهي ته پوءِ هو عدالت مان ڇو ڀڄي رهيو آهي؟ تارخ مٿان تارخ پيو وٺي.  پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چوڌري فواد حسين چيو ته هن ڪيس جي روزانو ٻڌڻي ڪئي وڃي ۽ براهه راست ڪاروائي ٽي وي تي ڏيکاري وڃي. ان جي مسلم ليگ (ن) ڇو پئي مخالفت ڪري.؟ حقيقت اها آهي ته شريف خاندان ۽ زرداري خاندان ٻنهي کي خبر آهي ته عدالت مان ڀڄڻ ۾ ئي سندن عافيت آهي. ٻئي پاسي مني لانڊرنگ ڪيس روزانو جي بنياد تي ٻڌڻ لاءِ ايف آءِ اي عدالت کي درخواست ڏني آهي جنهن جي اعظم تارڙ مخالفت ڪندي چيو ته  ٻيا ڪيس روٽين ۾ هلن ٿا هن ۾ ڪهڙي جلدي آهي. عدالت 10 مارچ تائين شهاباز شريف ۽ حمزه شهباز جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو