شهباز ۽ حمزا جي بريت جي درخواست، ايف آءِ اي کان جواب طلب

شهباز ۽ حمزا جي بريت جي درخواست، ايف آءِ اي کان جواب طلب

لاهور(ويب ڊيسڪ)لاهور جي خاص عدالت سينٽرل مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي وزيراعظم شهباز شريف ۽ سندس پٽ حمزا شهباز جي بريت واري درخواست تي ايف آءِ اي کان 17 سيپٽمبر تي جواب طلب ڪري ورتو.ايف آءِ اي مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي دوران شهباز شريف جي وڪيل امجد پرويز، سليمان شهباز ۽ حمزه شهباز عدالت کي ٻڌايو ته ٻوڏ واري صورتحال سبب وزيراعظم شهباز شريف عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيو. لاهور جي اسپيشل ڪورٽ سينٽرل جي جج پڇاڻو ڪيو ته وزيراعظم شهباز شريف 1 ڏينهن 10 منٽن لاءِ عدالت نٿو اچي سگهي؟ مون کي انهن جو شيڊول ڏيو، اهي ڪٿي آهن، ڪيس ڪهڙي ڏينهن هلي رهيو آهي، انهن جو اچڻ مشڪل آهي.وڪيل امجد پرويز عدالت کي ٻڌايو ته سليمان شهباز سميت ٻين ڪمپنين جا اثاثا منجمد ڪيا ويا آهن، اثاثا منجمد ڪرڻ سبب رمضان شوگر ملز ۾ پگهارون ادا نه ڪيون ويون آهن.خاص عدالت جي سينٽرل جج چيو ته پگهارن ۽ بلن جي ادائگي جو حڪم ڏنو وڃي.وڪيل امجد پرويز عدالت کي استدعا ڪئي ته ڪرشنگ سيزن آهي، اثاثا منجمد ڪرڻ خلاف درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وڃي. عدالت اثاثا منجمد ڪرڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي 10 سيپٽمبر جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي، جڏهن ته شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي بريت واري درخواست تي ايف آءِ اي کان 17 سيپٽمبر تي جواب طلب ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو