شهباز شريف کي 8 هفتن لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ملي وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ميان شهباز شريف کي لاهور هاءِ ڪورٽ طبي بنيادن تي مشروط طور تي هڪ ڀيرو پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. هو 8 مئي کان 5 جولاءِ تائين پرڏيهه وچي سگهندو. جسٽس علي باقر نجفي جي سربراهي ۾ بينچ آڏو ٻڌڻي دوران شهباز شريف چيو ته ڇا مان دهشتگرد آهيان جو بليڪ لسٽ ۾ نالو داخل ڪيو ويو آهي. مونکي جلاوطني دوران ڪينسر جو مرص لاحق ٿيو آمريڪي ڊاڪٽرن چيو ته لنڊن مان علاج ڪرايو، 15 سالن کان علاج هلي ٿو. هر سال 2 ڀيرا لنڊن مان چيڪ اپ ڪرائيندو آهيان. مان بيمار آهيان مونکي مرضي جو علاج ڪرائڻ جو حق آهي، عدالت پڇو ته واپس ڪڏهن ايندا، هن چيو ته جڏهن ڊاڪٽرن اجازت ڏني واپس ايندس، اڳ م به 2 ڀيرا ويو هئس ۽ موٽي آيس. هي منهنجو ملڪ آهي جيئڻ مرڻ هتي آهي. هن چيو ته ڊاڪٽر کا وقت ورتو اٿم 3 جولاءِ تي واپس ايندس، هن واپسي جي ٽڪيٽ به عدالت ۾ جمع ڪرائي. عدالت دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو جيڪو بعد ۾ ٻڌائيندي 8 هفتن لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. ان بابت تبصرو ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته شهباز شريف اربين روپين جي مني لانڊرنگ ۾ ملوث آهي کيس فرار ٿيڻ جي اجازت ڏيڻ قانون سان مذاق آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو