شهباز شريف کي اورنج لائن ميٽرو جي افتتاحي تقريب جي دعوت

شهباز شريف کي اورنج لائن ميٽرو جي افتتاحي تقريب جي دعوت

لاهور (بيورو رپورٽ) پنجاب جي وزير ٽرانسپورٽ جهانزيب خان کچي اورنج لائين ميٽرو ٽرين جي افتتاحي تقريب لاءِ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف شرڪت جي دعوت ڏئي ڇڏي آهي. وزير ٽرانسپورٽ پنجاب جهانزيب خان کچي نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيڻ وقت چيو هو ته اورنج لائن ميٽرو ٽرين جو منصوبو شهباز شريف جو هيو ان لاءِ افتتاحي تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏيان ٿو. هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت روايتن جي برعڪس منصوبو مڪمل ڪيو ۽ هاڻي ٽرين هلندي. صحافي طرفان شهباز شريف جي آمد تي گرفتاري متعلق سوال جو جواب ڏيندي جهانزيب کچي چيو ته شهباز شريف اسان جو مهمان هوندو جيڪڏهن ڪو به ادارو ان کي گرفتار ڪندو ته ان سان ڪو به تعلق نه هوندو. اورنج لائن منصوبي جي افتتاح بابت پڇيل سوال تي صوبائي وزير چيو ته 10 ڊسمبر تي ٽرين جو افتتاح ڪري رهيا آهيون ۽ نه ئي پنهنجي نالي جي تختي لڳائي رهيا آهيون 10 ڊسمبر تي اورنج لائن ٽرين جي مڪمل روٽ جو ٽرائل ورتو ويندو. هن چيو ته عمران خان ۽ ان جي ٽيم ڪم ڪرڻ تي يقين رکن ٿا نه ڪي تختيون لڳائڻ تي. ٻئي طرف اورنج لائن ميٽرو ٽرين جو افتتاح مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير رانا مشهود ڪيو هڪ ڏينهن پهرين ڪري ڇڏيو. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي رانا مشهود جو چوڻهو ته اورنج لائن منصوبي سبب چين جا انجنيئر ناراض ٿي چڪا آهن اورنج لائن منصوبي ۾ غير معياري شيون استعمال ناهن ڪيون ويون ڪم مڪمل ناهي ٿيو ۽ حڪومت افتتاح ڪرڻ لاءِ پئي وڃي جيڪو ان جي ڪوڙ جو ثبوت آهي. هن چيو ته مسلم ليگ ن مهينن ۾، نه ئي هفتن ۾ اورنج لائن ٽرين کي مڪمل ڪيو پر تحريڪ انصاف عدالتن ۾ وڃي وقت ضايع ڪيو. ياد رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي پنجاب حڪومت 10 ڊسمبر تي اورنج لائن ميٽرو ٽرين منصوبي جي افتتاح جو اعلان ڪيو آهي وزيراعليٰ پنجاب عثمان بزدار اورنج لائن جي سڄي روٽ تي سفر ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو