اسلام آباد(بيورو)پي ٽي آءِ اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته شهباز شريف حڪومت عوام لاءِ ٽائيم بم لڳائي ڇڏيو آهي،: شوڪت ترين چيو ته 30سالن جي دور دوران سڀ کان وڌيڪ جي ڊي پي اسان جي دور ۾ رهي اسان جي حڪومتي دور ۾ رڪارڊ ايڪسپورٽ ٿي بجيٽ خسارو 4 ڏهائي 2 ٽريلين آهي اڪنامڪ سروي پڙهي وٺو ته هي ڪنهن کي بيوقوف بڻائي رهيا آهن؟ ،عمر ايوب ڳالهائيندي چيو ته حڪومت ڪاروباري ماڻهن جو ٻيڙو ٻوڙڻ وڃي رهي آهي بجلي اچي ئي نٿي مٿان وري بجلي 39 کان 43 رپيا مهانگي ڪري رهيا آهن ايندڙ مهيني پيٽرول 300 سئو کان 310 روپيا في ليٽر تائين ٿي ويندو جولاءِ مهيني ۾ بجلي لوڊشيڊنگ ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو اسان جي حڪومت 55 لک ماڻهن کي روزگار فراهم ڪيو هن وقت ملڪ ۾ مهانگائي 12 ڏهائي 4 سيڪڙو آهي مهانگائي جي شرح 25 کان 30 سيڪڙو ٿي ويندي ڊيزل جا اگهه وڌڻ سان زرعي ترقي ڪئين ٿي سگهندي










