شهباز شريف جي نوازشريف سان ملاقات

شهباز شريف جي نوازشريف سان ملاقات

لنڊن: (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي ڀاءُ ۽ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ميان نوازشريف سان ملاقات ڪئي آهي.وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ کان پوءِ وزيراعظم شهباز شريف جي نوازشريف سان اها پهرين ملاقات آهي. ٻنهي ڀائرن وچ ۾ ملاقات لنڊن ۾ ٿي آهي جنهن ۾ ملڪ جي سياسي ۽ پارٽي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. (ن) ليگ جي نائب صدر ۽ نوازشريف جي ڌيءَ مريم نواز لنڊن ۾ شهباز شريف جي نوازشريف سان ملاقات جون تصويرون شيئر ڪيون آهن. لنڊن ۾ ن ليگ جو اهم اجلاس اڄ شروع ٿي ويو آهي وزيراعظم شهباز شريف وفد سان گڏ وفاقي وزير احسن اقبال، مريم اورنگزيب، خواجه سعد رفيق، خواجه آصف ۽ خرم دستگير به لنڊن پهتل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو