اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آئي جي مرڪزي اڳواڻ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته آزاد ڪشمير جي وزيراعظم شهبازشريف جي تقرير دوران ڪسمير معاملي تي پاڪستان جي ڪمزور موقف تي احتجاج رڪارڊ ڪرايو پنهنجي بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته وزيراعظم آزاد ڪشمير شهبازشريف جي تقرير دوران پنهنجي سيٽ تي اٿي بيٺو ڪشمير تي پاڪستان جي ڪمزور موقف هر احتجاج رڪارڊ ڪرايو اڳوڻي وزير چيو ته هن تقريب کان پوءِ پهريان منگلا ۾ ان جي گاڏي کي روڪيو ويو، اسلام آباد ۾ ان جي ڪاروبار سينٽورس مال کي سيل ڪيو ويو آهي اڳوڻي وزير چيو ته اهڙي فاشسٽ ۽ غير جمهوري حڪومت پاڪستان جي تاريخ ۾ ناهي آئي جيڪڏهن صرف احتجاج تي ڪشمير جي وزيراعظم کان اهڙيون حرڪتون ٿينديون ته والاريل ڪشمير کي اوهان ڇا پيغام ڏئي رهيا آهيو اڳوڻي وزير چيو ته هن ملڪ ۾ سيڙپڪار کي اوهان ڇا پيغام ڏئي رهيا آهيو ڪمزور ٿيندڙ معيشت اهڙين حرڪت سان وڌيڪ ڪمزور ٿيندي ملڪ ۾ جمهوريت بحال ڪيون.










