نئين دلي(م ڊ) ڀارت جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته ايندڙ هفتي شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس جي موقعي تي هندوستان ۽ پاڪستان جي وزيراعظمن وچ ۾ ٻه طرفي ملاقات طئي ناهي ٿي. اهڙو اعلان هن جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ڪيو آهي. علاقائي تنظيم ”شنگهائي ڪوآپريشن آرگنائيزيشن“ جو سمٽ اجلاس 13 ۽ 14 جون تي ڪرغيزستان ۾ ٿي رهيو آهي. ان کان اڳ پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ ڀارتي وزير خارجه سشما سوراج ۽ شاهه محمود قريشي ۾ سائيڊ لائن تي ملاقات ٿي هئي. بعد ۾ ڀارتي چونڊن جي نتيجن بعد ٻيهر چونڊجڻ کانپوءِ سشما سوراج کي هٽائي ايس جي شنڪر کي نئون وزير خارجه مقرر ڪيو ويو آهي.
مشهور خبرون










