شنباڻي برادري جو غنڊا ٽيڪس وصول ڪندڙن خلاف احتجاج

صالح پٽ (رپورٽ نياز مهر) ڳوٺ ملوئي جي رھواسين غلام شبير شنباڻي  شهباز ڏنو شنباڻي  الهجڙيو ممتاز محرم شنباڻي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته محبوب رزاق حسين بخش دائم شنباڻي اسان خلاف ميڊيا ۾ خبرون هلائي اسان کي بليڪ ميل ڪري رھيا آھن ۽اسان کي بليڪ ميل ڪري غيرقانوني گنڊا گردي جي ٽيڪس وصول ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ڀتو نه ڏيڻ تي اسان جو پاڻي بند ڪيو وڃي ٿو اسان جي هن ووڻڻ جي پوکائي شروع ٿي وئي آهي جڏهن ته هي اسان جو پاڻي هٿيارن جي زور تي ٻنڊو ڏئي بند ڪري ڇڏين ٿا اھڙيون شڪايتون اسان هد جي ٿاڻي تي به رپورٽ ڪيون آهن ڀتي خورن خلاف صالح پٽ ٿاڻي تي ڪيس به داخل ٿيل آهي پر هو اسان کي ڀتو نه ڏيڻ تي موت مار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن اسان ايس ايس پي سکر عرفان سمون کي ۽روهڙي جي ڊي ايس پي ۽صالح پٽ جي ايس ايڇ او علاوءَالدين صاحب کي اپيل ٿا ڪيون ته هن ظالم ڀتي خورن خلاف ڪارروائي ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪري ووڻڻ جي فصل جي پوکائي ڪرائي ڏني وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو