شعيب اختر تي فلم ۾ علي ظفر جو مک ڪردار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ تيز ترين بالر شعيب اختر جي زندگيءَ تي دبئي جي پروڊڪشن ڪمپني ڪيو پروڊڪشن فلم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي. راولپنڊي ايڪسپريس جي نالي سان مشهور شعيب اختر جي زندگيءَ تي ٺهندڙ فلم ۾ مرڪزي ڪردار علي ظفر ادا ڪندو جڏهن ته ٻي ڪاسٽ ۾ اداڪاره صبا قمر ۽ ولي حامد علي خان شامل ٿيندا ۽ فلم جون هدايتون قيصر فيروز ڏيندو. ياد رهي ته اڳ ۾ شعيب اختر چيو هو ته جيڪڏهن سندس زندگي تي فلم ٺهي ته سلمان خان ان ۾ ليڊ رول ادا ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو