شرپسند 50 کان وڌيڪ لوڙھن کي باهيون ڏئي ڇڏيون

شرپسند 50 کان وڌيڪ لوڙھن کي باهيون ڏئي ڇڏيون

مانجهند (ن سنڌيار)مانجهند ڀرسان ڳوٺ ۾ شرپسند 50 کان وڌيڪ وڻن ۽ لوڙھي کي مبينا باه ڏئي فرار اين سي داخل جوابدار جي گرفتاري لاء پورهيت جو احتجاج تفصيل موجب مانجهند ڀرسان ڳوٺ ابڙا جي ديه لاکڙي ۾ شرپسند 50 کان وڌيڪ وڻن ۽ لوڙھي کي مبينا طور باه ڏئي فرار ٿي ويو باه کي مقامي ماڻھن وسائي وڌيڪ گهرن کي سڙڻ کان بچائي ورتو اهڙي عمل خلاف پورهيت حبيب الله ابڙو سخت احتجاج ڪندي دانهيو ت شرپسند محرم ابڙو سندس 50 کان وڌيڪ پوکيل وڻن ۽ لوڙھي کي ساڙي ويو آھي تيز هوا سبب باه سندن گهرن ڏانهن وڌي رهي هئي پر هنن همٿ ڪري باه تي ڪنٽرول ڪيو جنهن خلاف مانجهند ٿاڻي تي اين سي رپورٽ پڻ داخل ڪرائي آھي هن وڌيڪ چيو ت جواڀدار وڏي عرصي کان زمين تي قبضو ڪرڻ لاء سازشون ڪري کين بي دخل ڪرڻ چاهي ٿو پر هو پنهنجي ملڪيت نه ٿا ڇڏي سگهن هن چيو ت جوابدار مان کين زندگي ۽ ملڪيت کي نقصان پهچائڻ جو خدشو وڌي ويو آھي هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ت جوابدار خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو