شاهپورجهانيان (اسد جاني) ڪجهه شرپسند سرڪاري سرپرستي ۾ جسقم کي بدنام ڪرڻ جي مهم هلائي رهيا آهن. اهڙا ماڻهو جيڪي جسقم جا ڪڏهن به ڪارڪن ناهن رهيا اهي پاڻ کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ ۽ سنڌ جي رهبر جي ايم سيد جي فڪر خلاف پروپيگنڊه ڪري رهيا آهن. اهڙو اظهار جسقم ضلعي نوابشاهه جي صدر علي رضا خاصخيلي ، سرفراز ميمڻ ۽ بادل بروهي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هنن چيو ته جسقم خلاف ڪوڙي پروپيگنڊا ڪندڙ شرپسند پاڻ کي جسقم جو ڄاڻائي سائين جي ايم سيد جي فڪر جي تبديلي جا بيان ڏئي رهيا آهن. هنن وڌيڪ چيو ته طاقت ۽ لالچ جي زور تي جسقم خلاف سازشون ڪيون پيون وڃن سندن اهڙي بيهوده عمل جي اسين مذمت ٿا ڪريون ۽ جسقم خلاف سندن مهم ناڪام بڻائينداسين. هنن چيو ته سنڌي قوم پنهنجي حقن جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻي ٿي اهڙا وطن فروش ماڻهو هر دور ۾ پيدا ٿيندا آهن پر تاريخ شاهد آهي ته غيور قومن جانسل ڪڏهن به انهن کي معاف ناهن ڪندا. هنن ميڊيا جي نمائندن کي اپيل ڪئي ته هو تصديق بعد خبرون هلائن. هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ضلعي نوابشاهه سميت شاهپور جهانيان ، دولتپور صفن ، قاضي احمد ۽ ٻين شهرن ۾ قومي ڪارڪنن کي ڪجهه به ٿيو ته انهي جا ذميوار اهي شرپسند قومي ڌارا وارا هوندا.










