شرجيل ميمڻ پاران فيصل ايدهي سان گڏ بي آر ٽي عبدالستار ايڌي جو افتتاح

شرجيل ميمڻ پاران فيصل ايدهي سان گڏ بي آر ٽي عبدالستار ايڌي جو افتتاح

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي اطلاعات ، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ فيصل ايڌي سان گڏ بي آر ٽي عبدالستار ايڌي ( اورينج لائين ) جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي ليبر کاتي واري صوبائي وزير سعيد غني، وزيراعليٰ سنڌ جي معاون خاص احمد علي جان، پاڪستان پيپلز پارٽي جو قومي اسيمبلي جو ميمبر عبدالقار مندوخيل، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ عبدالحليم شيخ، ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي ڪيپٽن (ر) الطاف حسين ساريو ۽ ٻيا به موجود هئا. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير چيو ته اڄ ٽرانسپورٽ کاتي جي طرفان عبدالستار ايڌي اورينج لائين جو افتتاح ڪري رهيا آهيون. ٻوڏ جي ڪري تقريب سادگي سان منعقد ڪئي وئي آھي. هي سنڌ حڪومت طرفان ڪراچي جي عوام سان ڪيل وعدي جي تڪميل آهي، پراجيڪٽ سنڌ حڪومت پنهنجي وسيلن سان مڪمل ڪيو آهي ھن چيو ته بس جو ڀاڙو ڏھ کان ويھ روپيا رکيو ويو آهي. هن چيو ته اهڙي حالتن ۾ جڏهن پيٽرول مهانگو آهي، پوءِ به ڀاڙو گهٽ رکيو ويو آهي. اسانجي ترجيح آهي ته عوام کي جيترو رليف ڏئي سگھون اوترو ڏيندا سين. هن چيو ته چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جي خاص هدايتن تي هي منصوبو مڪمل ڪيو ويو آهي. هن اعلان ڪيو ته ڪراچي جي عوام کي تمام جلد هڪ ٻيو منصوبو ڏيڻ وڃون پيا. اسين چاهيون ٿا ته عوام کي پبلڪ ٽرانسپورٽ جون جديد ۽ آرام دہ سهولتون فراهم ڪريون. هن اعلان ڪيو ته پيپلز بس سروس جي نئين روٽ جي به ايندڙ هفتي شروعات ڪئي ويندي. هن چيو ته اورينج لائين 3.8 ڪلو ميٽر ڊگهو آهي، جنهن تي ٽي ايم اي آفيس اورنگي ٽائون کان جناح وومين يونيورسٽي تائين 4 اسٽيشنون تعمير ڪيون آهن. ڪراچي جا هزارين شهري روزانو ان جديد سروس مان فائدو حاصل ڪندا. هن چيو ته اورينج لائين کي جلد گرين لائين سان ڳنڍيو ويندو. هن چيو ته ڪراچي ۾ 5 هزار کان وڌيڪ پبلڪ ٽرانسپورٽ جون گاڏيون هلي رهيون آهن. ٽرانسپورٽرز کي پيشڪش ڪئي آهي ته هو پنهنجن پراڻين گاڏين جي جاءِ تي نيون ۽ جديد بسون آڻين. سنڌ حڪومت انهن کي هر سهولت ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي. جيڪڏهن هنن کي قرض يا سبسڊي گهرجي ته اها به ڏيڻ جي لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته جيڪڏهن ڪو سيڙپڪار پبلڪ ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ چاهي ٿو ته ان کي به سنڌ حڪومت هر سهولت مهيا ڪندي. نه صرف ڪراچي پر سنڌ جي سمورن وڏن شهرن ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جون جديد سهولتون مهيا ڪرڻ جي لاءِ ڪوشان آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پبلڪ ٽرانسپورٽ جي نون منصوبن جي شروعات کان علاوه سنڌ حڪومت شهر ۾ روڊن جي بهتري تي به ڪم ڪري رهي آهي. وزيراعليٰ سنڌ پيپلز بس سروس جي روٽس جي بهتري لاءِ 1.5 ارب روپيا جاري ڪري ڇڏيا آهن، روڊن جي مرمت جو ڪم تيزي سان هلندڙ آهي. ان موقعي تي ليبر کاتي جي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته پروجيڪٽ ۾ دير ضرور ٿي آهي، پر منصوبو مڪمل ٿي ويو آهي. شهري هنن بسن کي سنڀالين، انهن جو خيال رکن ، جيڪڏهن انهن بسن کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته نقصان شهرين کي ئي ٿيندو. فيصل ايڌي چيو ته ڪراچي کي پبلڪ ٽرانسپورٽ جي شدت سان ضرورت آهي. سنڌ حڪومت کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو ته پيپلز بس سروس کان بعد اڄ عبدالستار ايڌي لائين جي شروعات ٿي چڪي آهي. هن چيو ته بسن جي سهولت کي شھر جي ڏورانهن علائقن تائين وڌايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو