ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پاران پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ميڊيا هائوسز جي مالڪن جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو. ڪراچيءَ ۾ ڏنل آجياڻي ۾ سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالڪريم راڄپر ۽ ٻين شرڪت ڪئي. منان عامر، مير ابراهيم، سلطان لاکاڻي ۽ عليم خان به آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي. سلطانه صديقي، احمد زبيري، ناز آفرين سهگل ۽ اطهر قاضي آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي. شهريار چشتي، غلام نبي مورائي، صوفيه چشتي، شڪيل مسعود، سينيٽر سرمد، اعزاز الحق ناصر، ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب، شازيه مري ۽ قاسم نويد به آجياڻي ۾ موجود هئا.










