شرجيل جو مختلف علائقن جو دورو،برسات سبب نقصانن جو جائزو

شرجيل جو مختلف علائقن جو دورو،برسات سبب نقصانن جو جائزو

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) صوبائي وزير اطلاعات ، ٽرانسپورٽ اينڊ ماس ٽرانزٽ ۽ رين ايمرجنسي حيدرآباد لاءِ مقرر ڪيل فوڪل پرسن شرجيل انعام ميمڻ اڄ تعلقي ٻهراڙي جي مختلف علائقن جو دوروڪيو ۽ برسات متاثر علائقن جو جائزو ورتو صوبائي وزير چيو ته ڪنهن به صورت ۾ عوام کي اڪيلونه ڇڏيو ويندو _ برسات متاثرن کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ سمورا گهربل وسيلا استعمال ڪيا ويندا _امداد ڪيمپن ۾ متاثرن کي ٻن وقتن جي ماني ۽طبي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو _صوبائي وزير اطلاعات ٽنڊو فضل روڊ لاهوري هوٽل پٺيان پاڻي جي نيڪالي واري ڪم کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي _ بعد ۾ صوبائي وزير ٽنڊو فضل ۾ سيري شاخ جي سطح جو جائزو ورتو ۽ علائقي رهواسين کان تفصيلي ڄاڻ ورتي _ان موقعي تي پاڪستان پيپلزپارٽي جي يونين ڪائونسل چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي نامزد اميدوار۽ علائقي جي رهواسين جو وڏو انگ پڻ موجود هوصوبائي وزير چيو ته برساتن جي نئين اسپيل جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي جڏهن ته گڊو ۽ سکر بيراج وٽان 5 لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي جو ريلو گذري رهيو آهي _ ڪوٽڙي بيراج ۾ پاڻي ۾ اضافي کي ريڪارڊ ڪيو ويو آهي هن وقت 4 لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي جو ريلو گذري رهيو آهي _ هن چيو ته هڪ ٻن ڏينهن ۾ گڊو ۽ سکر تي پاڻي جو وهڪرو 6 لک کان وڌيڪ ڪيوسڪ تائين پهچڻ جو امڪان آهي _ سنڌ ۾ ڪچي جا ٻئي پاسا پاڻي ۾ ٻڌي چڪا آهن جڏهن ته حفاظتي بندن تي پڻ پاڻي جو دٻاءُ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي _آبپاشي کاتي جا عملدار سنڌودرياهه جي بندن جي 24 ڪلاڪ سخت نگراني ڪري رهيا آهن ۽ ضلعي انتظاميا ۽ روينيو اختياري چوڪس آهي _ هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جا ميمبر پنهنجن تڪن ۾ رليف ۽ ريسڪيو ڪمن جي نگراني ڪري رهيا آهن _ ان کان علاوه رين ايمرجنسي فوڪل پرسن پنهنجن تڪن ۾ رليف ۽ ريسڪيو آپريشن جي نگراني ڪري رهيا آهن _ ان کان علاوه رين ايمرجنسي فوڪل پرسن پڻ سمورن ضلعن ۾ موجود آهن _هن چيو ته اسانجي پهرين ترجيحي آهي ته ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو وڃي ۽ کين رليف مهياڪيو وڃي _ ٻئي مرحلي ۾ صورتحال بهتر ٿيڻ کانپوءِ متاثرين جي ٻيهر آبادڪاري تي ڌيان ڏنو ويندو _ پاڪ فوج ۽ نيوي متاثرن کي محفوظ هنڌن تي پهچائڻ واري آپريشن ۾ سول انتظاميا جي ڀرپور مدد ڪري رهي آهي _هن چيو ته اسين عوام گڏ آهيون ۽ عوام کي رليف مهياڪرڻ لاءِ سمورا گهربل وسيلا ڪتب آڻي رهيا آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو