ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ چيني بسون پھچڻ کان پوءِ يورپي معيار جون بسون به اينديون. ان سلسلي ۾ ٽرانسپورٽ کاتي واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پنھنجي آفيس۾ ترڪ ڪمپني البيراک جي ڊائريڪٽر جميل شن اوجاڪ Cemil Senocak سان ملاقات ڪئي. سيڪريٽري ٽرانسپورٽ عبدالحليم شيخ ، ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي ڪيپٽن (ر) الطاف حسين بہ موجود هئا. صوبائي وزير ترڪ ڪمپني کي ڪراچي ۾ يورپي معيار جون اليڪٽرڪ بسون آڻڻ جي آڇ ڪندي، چيو ته ڪراچي ميٽروپوليٽن شهر آهي ،جنهن ۾ ڪاروبار جا بهترين موقعا موجود آهن. ھن چيو ٽرانسپورٽ کاتي ڪراچي لاءِ ھزارين بسون آڻڻ جي رٿا بندي ڪئي آهي ۽ بي آر ٽي ريڊ لائين، اورينج لائن، پيپلز بس سروس ۽ يلو لائين تحت ڪراچي شهر ۾ جديد ماس ٽرانزٽ سسٽم تي ڪم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ترڪي جي ڪمپني سان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ سميت ٻين آپشنز تحت ڪم ڪرڻ چاھي ٿي ، جڏهن ته پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ سيڙپڪاري تي سبسڊي ڏيڻ لاءِ به تيار آهيون. شرجيل انعام ميمڻ ترڪي جي ڪمپني کي ڌاٻيجي اڪنامڪ زون ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ پلانٽ لڳائڻ جي بہ آڇ ڪئي. صوبائي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي جا سٺا لاڳاپا آهن، اسان چاهيون ٿا ته ترڪي جون ڪمپنيون سنڌ ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪن.صوبائي وزير چيو ته ترڪي جي تازي دوري دوران هن ترڪي جي ٽرانسپورٽ واري نائب وزير سان ملاقات ڪئي ۽ کيس سنڌ ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت بہ ڏني .البيراڪ گروپ جي ڊائريڪٽر جميل شين اوجڪ چيو ته کين پاڪستان ۾ ڪم ڪرڻ تي فخر محسوس ٿيندو آهي. اسان پاڪستان جي سڀ کان وڏي شهر ڪراچي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا. ان سلسلي ۾ جلد کان جلد تجويزون تيار ڪنداسين.










