شرجيل جي والده ۽ گهرواري جا وارنٽ معطل، ضمانت منظور

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) شرجيل ميمڻ جي گهرواري ۽ والدهه جا نيب پاران جاري ڪيل گرفتاري وارنٽ عدالت معطل ڪري ڇڏيا. سنڌ هاءِ ڪورٽ آمدن کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ شرجيل انعام ميمڻ جي گهر واري ۽ والده کي پيشي کان 21 جنوري تائين آجو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت اهڙو حڪم اڱاري تي صدف ميمڻ، زينت انعام ميمڻ ۽ ٻين پاران گرفتاري اڳ ضمانت لاءِ داخل درخواست جي ٻڌڻي دوران ڏنو. ياد رهي ته شرجيل انعام ميمڻ جي گهر واري ۽ سندس والده آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ نامزد ٿيل آهن ۽ سندن خلاف احتساب عدالت ۾ ڪيس پڻ هلي رهيو آهي جن پرڏيهه مان گرفتاري کان اڳ ضمانت لاءِ درخواستون داخل ڪرايون هيون.

پهنجو تبصرو موڪليو