شراب ۽ هٿيار ڪيس، علي امين جا گرفتاري وارنٽ جاري

شراب ۽ هٿيار ڪيس، علي امين جا گرفتاري وارنٽ جاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي ضلعي ۽ سيشن عدالتن شراب ۽ هٿيارن جي برآمدگي ڪيس ۾ خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا، علي امين گنڊاپور ۽ سندس وڪيل راجا ظهور الحسن عدالت ۾ پيش نه ٿيو، جنهن کان پوءِ عدالت علي امين گنڊاپور جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا. ضلعي ۽ سيشن عدالتن پي ٽي آءِ اڳواڻ علي امين گنڊاپور جي گرفتاري ۽ کيس 11 نومبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 11 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ياد رهي ته علي امين گنڊاپور خلاف بارا ڪهو ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو