شراب هٿ اچڻ وارو ڪيس: گنڊاپور کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم

شراب هٿ اچڻ وارو ڪيس: گنڊاپور کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندڙ سينئر سول جج مبشر حسن چشتي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو. جڏهن ته عدالت شراب هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ ايس ايس پي آپريشنز کي گرفتاري وارنٽ تي تعميل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سينئر سول جج مبشر حسن چشتي ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي خلاف شراب ۽ هٿيار هٿ اچڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جج پڇاڻو ڪيو ته علي امين گنڊاپور جو ضمانتي پيش ڪريو اهو ڪٿي آهي؟ وڪيل چيو ته منهنجي به ساڳئي درخواست آهي ته ضمانتي کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. جج ريمارڪس ڏنا اوهان جڏهن ضمانت ڏني هئي ته چيو هو ته هر پيشي تي ضمانتي پيش ٿيندو. وڏي وزير جي وڪيل چيو ته اوهان ايڊيشنل سيشن جج قدرت الله جو حڪم نامو ڏسو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ٽرائل عدالت پهريان بريت جي درخواست تي فيصلو ڏيندي. عدالت جيڪي وارنٽ جاري ڪيا آهي بريت جي درخواست کان پوءِ جاري ٿيا آهن. جج ريمارڪس ڏنا جيڪڏهن عدالت ۾ جوابدار پيش نه ٿيندو ته مان گرفتاري وارنٽ جاري ڪندس. وڪيل چيو ته علي امين گنڊاپور جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪري گرفتاري وارٽ ملتوي ڪيا وڃن ۽ دليل ڏنا ته جوابدار تي الزام آهي ته گاڏي مان لٿو ۽ ڀڄي ويو، حالانڪه اهو ڀڄڻ وارن مان نه آهي انهي ڪيس ۾ ثبوت به نه آهن پوءِ ڇو منهنجي موڪل کي گهليو پيو وڃي. عدالت کان استدعا آهي ته گرفتاري وارنٽ معطل ڪري بريت جي درخواست تي بحث جو حڪم جاري ڪيو وڃي. جج هدايت ڪئي ته اوهان لکت ۾ درخواست کڻو اچو مان انهي تي فيصلو ڪندس، ايندڙ ٻڌڻي تائين گرفتاري وارنٽ جي تعميل نه ڪرائي وئي ته ايس ايس پي آپريشنز ذاتي حيثيت ۾ عدالت ۾ پيش ٿئي. عدالت حڪم ڏنو ته ايس ايس پي گرفتاري وارنٽ جي تعميل نه ٿيڻ جا سبب عدالت کي ٻڌائيندو. جنهن کان پوءِ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 2 نومبر تائين ملتوي ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو