شنباڻي  برادري جو احتجاج،روڊ بلاڪ

شنباڻي برادري جو احتجاج،روڊ بلاڪ

صالح پٽ (ن سنڌيار) صالح پٽ ڀرسان ديه ٿومي ۾ زمين جي مالڪي تان شنباڻي برادري جي ٻن ڌرين جي شهبازي خان شنباڻي ۽ٻئي پاسي محبوب خان شنباڻي جي ماڻهن ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ جڏھن ته ميڊيا جي ٽيم واقعي واري هنڌ پهتي ته اتي موجود ماڻهن هڪ ٻئي خلاف احتجاج ڪيو پهرين ڌر جي اڳواڻ شهبازي خان اقبال خان شنباڻي جڙيو شنباڻي ارشاد علي شنباڻي راڻون شنباڻي راحب خان شنباڻي احتجاج ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته محبوب شنباڻي وارن اسان کي ٽي ايڪڙ زمين ويڪرو ڪري ڏني آهي هن اسان کي پنهنجي رقم سان زمين ڏني آهي ٻيهر رقم وصول ڪرڻ جي چڪر ۾ اچي مخالفن جي چوڻ تي اسان کي بدنام ڪري رهيو آهي اسان وٽ محبوب وارن جي لکت به موجود آهي ڪنھن به علائقي جي معزز شخصيت وٽ فيصلو ڪري ته اسان حاضر آهيون ٻئي طرف ٻئ ڌر جي اڳواڻ محبوب شنباڻي وڌڻ خان شنباڻي عطا محمد شنباڻي يعقوب خان شنباڻي رزاق شنباڻي احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته اسان مسڪين ماڻهون آهيون شهبازي خان شنباڻي وارا بااثر آهن زبردستي اسان جي زمين تي قبضو ڪري رهيا آهن منع ڪرڻ تي اسان کي موت مار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن اسان وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه آئي جي سنڌ ايس پي سکر ڊي ايس روهڙي ايس ايڇ او صالح پٽ کي اپيل ٿا ڪيون ته شفاف نموني انڪوائري ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻئي طرف ايس ايڇ او صالح پٽ علاوالدين فلپوٽو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پوليس جي ٽيم موڪلي آهي حقيقت معلوم ڪري پوء جنهن جو قصور هوندو ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو