ڀان سيدآباد (ن س) ايڊيشنل سيوهڻ جي ڪورٽ ڳوٺ ٽلٽي جو رهواسي سيوهڻ جي پرائيويٽ گرامر چيمپئن اسڪول جي مالڪ جي شاگردياڻين سان بداخلاقي واري الزام ۾ ضمانت منظور ڪري ورتي. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ اسڪول جي مالڪ پرنسپال غلام مصطفيٰ مغل کي ٻن شاگردياڻين جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. جوابدار جي وڪيل محمد شريف سولنگي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پرنسپال مغل جي ڪيس جي انڪوائري هلي رهي آھي سي سي ٽي وي فوٽيج ۽ انڪوائري آفيسرن جي مطابق لڳي ائين پيو ته هن ڪيس ۾ مون کي ڪا به سچائي ۽ صداقت نظر نه ٿي اچي ۽ جوابدار بيڏوهي آهي.










