نوابشاهه (اي ڪي ڏاھري ) شهيد بينظير ڀُٽو يونيورسٽي جي انتظاميا بدمزگي بعد پيدا ٿيل صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ شاگردن جا سڀ مطالبا تسليم ڪري ورتا، جنهن بعد شاگردن ڏرڻو ختم ڪري ڇڏيو. ان کان اڳ ڪو آفيسر شاگردن سان ملڻ لاءِ تيار نه هو ۽ تنگ ٿي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران مطالبا منظور نه ٿيڻ تي انتظاميا خلاف احتجاج ڪيو ويو هنن سڪرنڊ نوابشاهه روڊ بالڪ ڪيو ته پوليس مٿن شيلنگ ۽ لٺ بازي شروع ڪري ڏني. جنهن ۾10 شاگرد زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال م داخل ڪيو ويو آهي. هڪ شاگرد اسد بروهي جا ڏند ڀڄي پيا آهن ۽ سندس حالت خراب هئي جنهن کي حيدرآباد موڪيلو ويو آهي. جڏهن ته ڪجهه شاگردن کي معمولي زخم رسيا. شاگردن جو چوڻ آهي ته پوليس فائرنگ به ڪئي آهي جنهن ۾ شاگرد زخمي ٿي پيا آهن، پوليس فائرنگ جي ترديد ڪئي آهي. ان موقعي تي شاگرد اڳواڻن فرحان بروهي، جنيد آرائين، اسد بروهي، بشارت ڀٽي، حسن آرائين، حمزا ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان هاسٽلن ۾ رهون ٿا ۽ سال جي فيس هڪ شاگرد کان 24 هزار روپيا ورتي وڃي ٿي پر سهولتون ٻن هزارن جي برابر به ناهن.

هر سال ٽوئر ڪرايو ويندو آهي اهو به نٿو ڪرايو وڃي، ڊپارٽمينٽ ۾ سهولتون ڏنيون وڃن ۽ ليبارٽريز ڏنيون وڃن، هاسٽلن جي فيس گهٽائي وڃي، مسجد ٺهرائي ڏني وڃي، لائبريري آهي ليڪن ان ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه آهي، پيئڻ جو صاف پاڻي ناهي، جن به شاگرد جي اسڪالر شپ اچي ٿي اها في شاگرد هڪ لک 20 هزار روپيا آهي پر شاگردن کي 80 هزار روپيا ڏنا ٿا وڃن. هنن چيو ته اهي سڀ مطالبا منظور ڪيا وڃن جڏهن ته ٻن ڪلاڪن تائين شاگردن ۽ شاگردياڻين سان ڪنهن به يونيورسٽي جي ذميوار آفيسر ملاقات نه ڪئي جنهن کانپوءِ شاگرد ۽ شاگردياڻيون نوابشاهه سڪرنڊ روڊ تي اچي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن کي کولرائڻ لاءِ پوليس شاگردن سان ڳالهيون ڪيون پر شاگردن انڪار ڪيو جنهن کانپوءِ شاگردن مٿان پوليس شيلنگ ۽ لاٺي چارج ڪئي جنهن ۾ ڪيمسٽري ڊپارٽمينٽ جي شاگردياڻي صائمه مورو، اسامه کوکر، مقبول بروهي، هاشم لغاري، منصور ڀنگوار، ارسلان ملڪ، ذوالفقار لغاري ۽ ٻيا شامل آهن جن کي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو آهي زخمي ۾ منصور بروهي شديد زخمي آهي. ٻئي طرف شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي پبلڪ رليشنز ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪاشف نوراني ٻڌايو ته شاگردن جا اڪثر مطالبا مڃيا ويا آهن فيسز گهٽ ڪرڻ جو مسئلو سينڊيڪيٽ ۾ حل ڪيو ويندو تمام جلد يونيورسٽي ڪيمپس ۾ شاگردن کي هاسٽلز ۾ سهولتون ڏنيون وينديون. ڪيمسٽري ڊپارٽمينٽ ۾ لائبريري موجود آهي ۽ جيڪا اسڪالر شپ اچي ٿي اها شاگردن کي ڏيون ٿا، ڪتوتي جا الزام غلط آهن.










