ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي صوبائي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاهه ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب سان گڏ باغ جناح جو دورو ڪيو جتي گل پلازا سانحي جي متاثر واپارين جي بحالي ۽ عارضي ڪاروباري انتظامن جو جائزو ورتو ويو، ان موقعي تي بارہ دري ۾ قائم ڪيل عارضي اسٽالن ۽ سهولتن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي۔ صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت متاثر تاجرين کي فوري رليف ڏيڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا آهن ۽ شهر جي مختلف هنڌن تي مفت متبادل جڳهيون فراهم ڪيون ويون آهن ته جيئن واپاري بنا دير پنهنجو ڪاروبار ٻيهر شروع ڪري سگهن۔ هن ٻڌايو ته وزيراعليٰ جي منظوري سان ابتدائي طور ست ارب رپين تائين معاوضي جي ورڇ جو عمل شروع ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته متاثرن کي عارضي بنيادن تي هر مهيني پنج لک رپين تائين مالي سهائتا پڻ فراهم ڪئي پئي وڃي۔ سيد ناصر حسين شاه چيو ته عارضي اسٽالن، گرائونڊ ۾ سهولتن، پارڪنگ ۽ سيڪيورٽي انتظامن کي يقيني بڻائي متاثر واپارين کي رليف ڏنو پيو وڃي ۽ مستقل تعمير مڪمل ٿيڻ تائين اهي انتظام برقرار رهندا۔ هن واضع ڪيو ته پلازن ۽ مارڪيٽن ۾ فائر سيفٽي قدمن کي يقيني بڻائڻ لاءِ خاص ٽيمون جوڙيون ويون آهن ۽ مالڪن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته فائر ايڪسٽنگوئشرز جي دستيابي، ايمرجنسي ايگزٽ رستن جي صفائي ۽ حفاظتي اصولن تي سختي سان عمل ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ نقصان جي ذميواري لاڳاپيل انتظاميه ۽ مالڪن تي عائد ٿيندي۔ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو ته رمضان المبارڪ جي پيش نظر لڳ ڀڳ ساڍا ٽي سئو متاثر دڪاندارن کي پهرئين مرحلي ۾ اسٽال حوالي ڪيا ويندا ته جيئن خريداري جو سلسلو متاثر نه ٿئي۔ هن ٻڌايو ته پارڪنگ، بيسمينٽ سهولتون، سيڪيورٽي ۽ پوليس سميت وارڊن اهلڪارن جي مقرري ذريعي فول پروف انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته واپارين جي رجسٽريشن ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جي سهڪار سان مڪمل ڪئي وئي آهي ته جيئن شفافيت ۽ انصاف کي يقيني بڻائي سگهجي۔ ميئر وڌيڪ چيو ته وزيرن ۽ ڪمشنر ڪراچي سان صلاح مشوري بعد حتمي پلان ترتيب ڏنو ويو آهي ۽ ضرورت پوڻ تي وڌيڪ اسٽال لڳائڻ لاءِ اضافي زمين پڻ دستياب آهي۔ صوبائي وزير بلديات اعادو ڪيو ته مڪمل معاوضي جي ادائيگي ۽ عارضي بحالي کانپوءِ گل پلازا جي نئين سر تعمير جديد تقاضائن ۽ فائر سيفٽي معيار موجب ڪئي ويندي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙن سانحن کان بچاءُ ممڪن بڻائي سگهجي، هن چيو ته حڪومت، واپارين ۽ شهرين جي گڏيل ڪردار سان ئي محفوظ ۽ منظم تجارتي مرڪزن جو قيام ممڪن آهي ۽ سنڌ حڪومت متاثرن جي مڪمل بحالي تائين ساڻن گڏ بيٺل آھي.










