سکر ( جيرام داس( پوليس جو شاهه ٻيلي جي ڪچي ۾ آپريشن دوران ڏوهارين سان مقابلي بعد ميونسپل جا ٻه ملازم سريش ۽ دليپ کي بازياب ڪرائي ورتو. ايس ايس پي سکر عرفان سمون موجب ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن ڪري اغوا ڄاڻايل ٻن ميونسپل جي ملازمن کي بازياب ڪرايو ويوآهي. هن چيو ته ڪچي ۾ آپريشن دوران پوليس هڪ بدنام ڌاڙيل صادق مصراڻيءَ کي گرفتار به ڪيو آهي.











