اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد پوليس پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي کي به گرفتار ڪري ورتو.اسلام آباد پوليس پي ٽي آءِ جي جنرل سيڪريٽري اسد عمر کي اڄ گرفتار ڪيو هو پر هاڻي وائيس چيئرمين شاهه محمود کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.پوليس اختيارين موجب شاهه محمود قريشي کي ريڊ زون مان گرفتار ڪيو ويو آهي.پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته اسد عمر ۽ شاهه محمود قريشي کي پوليس اسٽيشن سيڪريٽريٽ منتقل ڪيو ويو آهي.پوليس ذريعن موجب شاهه محمود قريشي کي 3 ايم پي او تحت 15 ڏينهن لاءِ گرفتار ڪيو ويو.










