اسلام آباد(بيورو رپورٽ)تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي پنهنجي ئي پنجاب حڪومت جي آءِ جي پوليس فيصل شاهڪار کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.شاهه محمود قريشي چيو ته جيڪڏهن آءِ جي پنجاب عمران خان خلاف ايف آءِ آر داخل نٿو ڪري سگهي ته عهدو ڇڏي ڏي.ڪالهه اڱاري ڏينهن پنهنجي بيان ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته عمران خان تي حملي جي ايف آءِ آر جي حوالي سان ڪجهه ماڻهو بيوس نظر اچي رهيا آهن، جنهن مان ظاهر آهي ته اڳوڻي وزيراعظم تي حملو ٿيو ۽ پوليس ٿاڻي تي لتاڙ ۽ لعل جو معاملو ڪري رهي آهي.ٻئي طرف اسد عمر به پنجاب پوليس جي ڪارڪردگي تي خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته عمران خان تي هڪ کان وڌيڪ هنڌن تان فائرنگ ڪئي وئي، پنجاب پوليس پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام وئي آهي.










