شاهه محمود تي داخل ڪيسن جا تفصيل سڀاڻي تائين طلب

شاهه محمود تي داخل ڪيسن جا تفصيل سڀاڻي تائين طلب

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب حڪومت کان شاهه محمود قريشي خلاف داخل ڪيسن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن.لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس باقر نجفي 9 مئي کانپوءِ داخل ڪيسن ۾ گرفتار نه ٿيڻ ۽ ڪيسن جي فهرست ڏيڻ بابت شاهه محمود جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.شاهه محمود قريشي جي ڌيءَ گوهر بانو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي، جنهن ۾ هن موقف اختيار ڪيو آهي ته شاهه محمود اڳوڻو پرڏيهي وزير ۽ سياسي پارٽي جو اڳواڻ آهي، کيس گرفتار ڪيو ويندو.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته 9 مئي جي واقعن کانپوءِ داخل ٿيل ڳجهن ڪيسن جي ڄاڻ ڏني وڃي ۽ عدالت 9 مئي کانپوءِ ڳجهي ڪيس ۾ شاهه محمود کي گرفتار ڪرڻ کان روڪڻ جو حڪم ڏئي.عدالت درخواست ٻڌڻ بعد پنجاب حڪومت کان سڀاڻي تائين شاهه محمود خلاف داخل ڪيسن جا تفصيل طلب ڪري ورتا.

پهنجو تبصرو موڪليو