ملير (ن س )ملير جي علائقي شاهه لطيف ٽائون پوليس ڪارروائي دوران رڪشا ٽولي جي سربراهه سميت چئن گهربل جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ايس ايس پي ملير ڪاشف عباسي جو چوڻ آهي ته گرفتار رڪشا ٽولي جي سربراهه رحيم بخش، ساٿي صابر، عاشق ۽ آصف کان 8 موبائل فون، 2 پسٽل ۽ رڪشا هٿ ڪيو ويو آهي. هن چيو ته جوابدارن جو ساٿي آصف مختلف هنڌن تان سواريون کڻندو هو، مسافرن وٽ روڪ رقم ۽ قيمتي سامان جو اطلاع ٽولي جي سربراهه کي ڪوڊ ورڊ ۾ ڏيندو هو. ايس ايس پي ملير ڪاشف آفتاب چيو ته جوابدار رحيم بخش 18 سالن کان وڌيڪ جيل ۾ سزا ڪاٽي آيو آهي، جوابدار ساٿي سميت ڪورٽ مان فرار ٿيڻ وقت پوليس اهلڪار کي به شهيد ڪيو هو. سندس چوڻ هو ته جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيو هو، ويجهڙ ۾ ئي جيل مان ٻاهر ايندي نئون ٽولو ٺاهيو هو. ايس ايس پي ملير چيو ته رحيم بخش کي پوليس 70 لک رپين جي ڦر ۾ 1998ع ۾ گرفتار ڪيو هو، جوابدار جي وڌيڪ رڪارڊ لاءِ سمورن ضلعن جي پوليس سان رابطو ڪري رهيا آهن. ڪاشف آفتاب چيو ته گرفتار جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي……..










