شاهه سان ايراني قونصل جنرل جي ملاقات، واپار کي وڌائڻ تي اتفاق

شاهه سان ايراني قونصل جنرل جي ملاقات، واپار کي وڌائڻ تي اتفاق

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ايران جي قونصل جنرل حسن نورين ۽ وائيس قونصل جنرل علي خوشرو ملاقات ڪئي، اڳواڻن وچ ۾ گڏيل واپار کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ايران سان سندن تاريخي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ۽ مضبوط ٿي رهيا آهن.سنڌ جي وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته هن وقت ٻنهي ملڪن وچ ۾ 2 بلين ڊالرز جو واپار جاري آهي. ايراني قونصل جنرل جو چوڻ هو ته اهي چاهين ٿا ته ٻه طرفو واپار وڌائي 3 بلين ڊالرز ڪيو وڃي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته گوشت ۽ ميوا خاص طور تي سنڌڙي انب ۽ لاڙڪاڻي جا زيتون سنڌ مان ايران ايڪسپورٽ ڪري سگهجن ٿا. سنڌ جي وڏي وزير ۽ ايراني قونصل جنرل وچ ۾ ٻنهي ملڪن جي واپاري وفدن جي مٽاسٽا ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ايران جي قونصل جنرل طرفان سنڌ جي وڏي وزير کي ايران ۾ ثقافتي ميلي ۾ شرڪت جي دعوت پڻ ڏني وئي. سنڌ جي وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته ايران ۾ نومبر مهيني ۾ ثقافتي ميلو منعقد ڪيو پيو وڃي. ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ڪراچي کان ايران جي علائقي چابهار وچ ۾ ٻيڙي سروس شروع ڪرڻ تي به ڳالهيون ٿيون. وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ٻيڙي سروس شروع ڪئي وڃي ته شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تمام گهڻي سهولت ملندي.

پهنجو تبصرو موڪليو