لاهور(ويب ڊيسڪ) دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت 9 مئي جي ڪيس ۾ عليما خان جي پٽ شاهه ريز جي ضمانت جي درخواست تي پنهنجو فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.لاهور جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت عليما خان جي پٽ شاهه ريز جي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ لاڳاپيل اختيارين عدالت ۾ پيش ٿيا.ٻڌڻي دوران جوابدار جي وڪيل چيو ته شاهه ريز تي ڪارڪنن کي ڀڙڪائڻ جو الزام آهي، شاهه ريز خلاف اهڙو ڪو به ثبوت ناهي.ان موقعي تي سرڪاري وڪيل شاهه ريز جي ضمانت جي درخواست رد ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو ته حلف نامي جي اڃا تائين تصديق نه ٿي آهي.بعد ۾ عدالت شاهه ريز جي ضمانت جي درخواست تي پنهنجو فيصلو محفوظ ڪري ورتو.










