ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ سپر اسٽار شاهه رخ خان پنهنجي 57 هين سالگرهه تي مداحن کي پنهنجي نئين فلم جي هڪ جھلڪ تحفي ۾ ڏني.بالي ووڊ ڪي خان به پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي فلم ”پٿان“ جو ٽيزر جاري ڪندي فلم رليز ڪرڻ جو اعلان ڪيو.شاهه رخ خان پنهنجي پيغام ۾ چيو ته فلم ايندڙ سال 25 جنوري تي هندي، تامل ۽ تيلگو ٻولين ۾ رليز ڪئي ويندي.بالي ووڊ سپر اسٽار پاران شيئر ڪيل ٽيزر کي لکين ماڻهن پنهنجي اڪائونٽن تي منٽن ۾ ڏٺو.










