شاهين شاه ڌيءَ جو رشتو گهريوآهي,شاهد آفريدي

لاهور (ويب ڊيسڪ)قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي پنهنجي ڌيءَ لاءِ فاسٽ بالر شاهين آفريدي جي رشتي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.هڪ ٽوئيٽ ۾ شاهد آفريدي چيو آهي ته شاهين جي ڪٽنب هن سان ڌيءَ جي رشتي لاءِ رابطو ڪيو آهي.شاهد آفريدي جو چوڻ آهي ته ٻئي خاندان رابطي ۾ آهن ، جوڙا آسمانن ۾ ٺهندا آهن ۽ جيڪڏهن الله تعاليٰ چاهي ٿو ته اهو جوڙو به ٺهي ويندو.هن وڌيڪ چيو ته منهنجي دعا آهي ته شاهين آفريدي ڪرڪيٽ ۽ اڳتي هلي ڪرڪيٽ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ جاري رکي.ياد رهي ته شاهين شاهه آفريدي جي والد اياز خان دعويٰ ڪئي هئي ته شاهد آفريدي جي ڌيءَ جي رشتي لاءِ  گهر ڪئي آهي  ۽ ان جو خاندان رشتو ڏيڻ تي راضي ٿي ويو هو.هن چيو ته شاهد آفريدي جي ڌيءَ سان شادي جي تقريب جلد مڪمل ٿي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو